ا??لا?? آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ ??ين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ?? مسلسل بهتري ۽ سي پيڪ جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏ??ي ڪم ڪرڻ جي چيني قيادت جي ويزن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ??ين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعات ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زيڊانگ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ ??ين دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، ??ين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو غيرمشروط ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪ ??ين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ?? مسلسل بهتري ۽ ??ين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏ??ي ڪم ڪرڻ جو چيني قيادت جو ويزن ساراهه جوڳو آهي، پاڪ ??ين دوستي ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ خطي ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.