اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي ملڪ جو اهم ترين ??هر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ڪراچي جي مسئل?? جو حل حڪومت جي اولين ??رجيح آهي، متحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، اتحادي پارٽين ??ي تعاون سان ملڪي ترقي جو ڪم تيزي سان جاري آه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي وفد ملاقات ڪئي. وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي پاليسين ??ي ڪري مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي ڪاروبار دوست پاليسين ۽ برآمدي صنعت جي ترقي جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو. وفد وزيراعظم کي معيشت جي ترقي جي لاءِ تجويزون ۽ ملڪي معاشي مرڪزن خاص طور تي ڪراچي جي ماڻهن جي خوشحالي جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ سيد امين ??لحق شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، اتحادي پارٽين ??ي تعاون سان ملڪي ترقي جو ڪم تيزي سان جاري آه??. و??يراعظم چيو ته ڪراچي ملڪ جو اهم ترين ??هر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ڪراچي جي مسئل?? جو حل حڪومت جي اولين ??رجيح آهي. ملاقات ۾ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ ٻين ??هري علائقن جي مسئلن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن ۽ بين ??لصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.