اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي ??زير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ ۾ اعليٰ تعليم کي هٿي ڏيارڻي آهي ته ان شعبي ۾ بهترين پگهارن جو نظام اختيار ڪرڻ وارو نظام اختيار ڪرڻو پوندو، اعليٰ تعليم يافته، ماهر ۽ هنر??ند استادن کي سندن صلاحيتن موجب پگهارون فراهم ڪرڻ ملڪي ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي، ملڪ جي تعليمي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ تعليمي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظاهر هن ڪالهه اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پي اسڪيل جي نظام جو جائزو وٺڻ لاءِ بڻايل ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پي اسڪيل جي نظام جو جائزو وٺڻ لاءِ بڻايل ٽاسڪ فورس جي ڪارڪردگي ۽ سفارشن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي اعليٰ عملدارن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي فنانس ڊپارٽمينٽس جي نمائندن شرڪت ڪئي. ٽاسڪ فورس کي خطاب ڪندي وفاقي ??زير احسن اقبال چيو ته هي ٽاسڪ فورس 16 مهينن کان پي ڊي ايم حڪومت دوران جوڙي وئي هئي ته جيئن اعليٰ تعليمي ادارن جي موجوده پي اسڪيل کي بحال ڪري سگهجي ۽ ان کي عالمي مارڪيٽ جي گهرجن مطابق آندو وڃي. هن چيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جهڙن جديد علمن ۾ 21 گريڊ جي پي اسڪيل ۾ به بهترين استاد دستياب نٿا ٿي سگهن. هن چيو ته اسان جي تعليمي بانڊ تحت پرڏيهي ملڪن مان ڊاڪٽريٽ ڪرڻ وارا اڪثر نجي شعبن ۾ ملازمت کي ترجيح ڏين ٿا يا پوءِ وچ اوڀر ۾ بهتر موقعن جي تلاش ۾ نڪري وڃن ??ا. ??ن زور ڀريو ته پي ايڇ ڊيز جي انگ ۾ واڌ جو مقصد محض ڊگري يافته ماڻهن جي تياري ناهي پر پاڪستان لاءِ باصلاحيت ماڻهن جي تياري ۽ ان جي خدمتن کي ملڪي ترقيءَ لاءِ ڪتب آڻڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته گهٽ پگهارون اسان جي باصلاحيت نوجوانن کي پرڏيهه وڃڻ جو سبب بڻجن ٿيون، جنهن سبب ملڪ اعليٰ معيار جي ماڻهن کان محروم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جو فرض آهي ته اسان انهن تعليم يافته ۽ هنر??ند نوجوانن کي پاڪستان ۾ ئي بهترين موقعا فراهم ڪري??ن. ??حسن اقبال چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ اعليٰ تعليم کي هٿي ڏيڻي آهي ته تعليمي شعبي ۾ بهترين پگهارن جو نظام اختيار ڪرڻو پوندو ته جيئن تعليمي ادارا عالمي معيار جي ماهرن ۽ پي ايڇ ڊيز کي پن??نج?? طرف راغب ڪري سگهجي، هن وقت دنيا جي ناليوارن تعليمي ادارن مان پي ايڇ ڊيز ڪندڙ پاڪستاني ماهرن کي پن??نج?? يونيورسٽين ۾ شامل ڪرڻ ملڪي مستقبل لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته اعليٰ تعليم يافته ماهر ۽ هنر??ند استادن کي سندن صلاحيتن مطابق پگهارون فراهم ڪرڻ ملڪي ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي. ملڪ جي تعميري معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ اسان کي تعليمي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي ته جيئن بهترين ماهر ۽ استاد پاڪستان جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پن??نج??ن خدمتون پيش ڪري سگهن ??ا. ??فاقي ??زير اجلاس جي آخر ۾ هدايت ڏني ته سمورا صوبا ايڇ اي سي ۽ فنانس ڊپارٽمينٽس سان گڏجي پي اسڪيل جي بحاليءَ جي حوالي سان سفارشون جوڙين، ان کان پوءِ سمورين سفارشن کي وفاقي ۽ صوبائي سطح باقاعده هڪ لائحه عمل بڻائي اختيار ڪيو ويندو، ان حوالي سان وفاقي ??زير سمورن صوبن کي پن??نج?? پن??نج?? هڪ نمائندو مقرر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.