اسلام آباد-13 سيپٽمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر س??دا?? اياز صادق چيو آهي ته رسول ڪريم صلي الله عليه ??اله وسلم جن جي تعليم ڀائيچاري،امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي، ان کي پنهنجي زندگين تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيال جو هن اظهار هن جمعي ڏينهن عيد ميلاد النبي جي مناسبت سان پا??ليامينٽ هائوس ۾ خطاطي نمائش ۽ سيرت محل بڪ ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو . س??دا?? اياز صادق چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه ??سلم انسانيت جا محسن آهن ۽ حضور پاڪ جي سيرت طيبه ۽ حسن اخلاق اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي . هن چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه ??سل?? جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ سان ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ممڪن آهي . سندن تعليمات اسان کي ڀائيچاري، امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي. هن مبارڪ مهيني ۾ اسان کي حضور پاڪ صه جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي .اسپيڪر چيو ته نمائش ربيع الاول جي مبارڪ مهيني جي مناسبت سان منعق?? ڪئي وئي آهي . واضع رهي ته نمائش ۾ 25 کان وڌيڪ اسلامي ملڪن جي سفيرن، پا??ليامينٽ جي ميمبرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي . نمائش ۾ خطاطي جا 112 فن پا??ا رکيا ويا آهن جيڪي نالي وارن خطاطن جي تخليقي صلاحيتن جي نشاندهي ڪن ٿا. اسپيڪر ان موقعي تي واصل شاهد جي تخليقي صلاحيتن جي تعريف ڪندي تقريب ۾ شريڪ پا??ليامينٽ جي ميمبرن ۽ مختلف ملڪن جي سفيرن جو شڪريو ادا ڪيو .هن وڌيڪ چيو ته سيرت محل بڪ ڪارنر ۾ نبي صلي الله عليه ??سل?? جي حيات طيبه جي حوالي سان 400 ناياب ڪتاب رکيا ويا آهن جيڪي نبي ڪري?? جي حيات طيبه جي حوالي سان معلومات فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪ??دا?? ادا ڪندا.