اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان انساني معاشري جي بنيادي ۽ اه?? قدر طور جمهوريت جي مضبوطي ۽ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي جاري پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جڏهن سڄي دنيا ۾ جمهوريت جو عالمي ڏينه?? ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي اسان انساني معاشري جي بنيادي ۽ اه?? قدر طور جمهوريت جي مضبوطي ۽ هٿي وٺرائڻ جو عزم ورجايون ٿا. هن چيو ته اسان جي حڪومت جو آئيني قدرن جي پاسداري، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جو عزم پختو آهي، ان جمهوري قدرن تي عملدرآمد اسان جي قومي طرز عمل جي عڪاسي ڪري ٿو. اچو اڄوڪي ڏينهن اسان اهڙي عالمي معاشري جي قيام جي ڪوشش جاري رکڻ جو عزم ڪريون جيڪو منصفاڻو، برابر ۽ جامع هجي، گڏيل تعاون سان ئي اسان جمهوريت جي بنيادن کي مضبوط ڪري اه?? يقيني بڻائي سگهون ٿا ??ه هي اميد جي ڏيئي سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن جي ترقي جو پيش خيمه ثابت ٿئي.