اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب معيشت، زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ خوشحال ۽ پرامن مستقبل ج?? تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ان ڳالهه جو اظهار ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ ??عو??ي سيڙپڪاري وارو وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي قيادت ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل ??عو??ي عرب جي وفد ج?? وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. صدر وفد ج?? آجيان ڪندي پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جي وچ پراڻي ۽ هر آزمائش ۾ پوري لهندڙ دوستي جو ذڪر ڪيو. هن دوستاڻي لاڳاپن کي ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙي طرح جو تعاون ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو. صدر خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل ??عو?? جي لاءِ پاڪستان جي گهري احترام ۽ ??عو??ي عرب سان يڪجهتي جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر ولي عهد ۽ ??عو??ي عرب جي وزيراعظم محمد بن سلمان آل ??عو?? جي دورانديش قيادت کي پڻ ساراهيو. هن ويزن 2030ع تحت ??عو??ي عرب پاران ڪئي ويندڙ ذڪر جوڳي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ مشڪل وقت ۾ ??عو??ي عرب پاران پاڪستان سان مسلسل تعاون تي ٿورا مڃيا. صدر چيو ته ??عو??ي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي جو مشاهدو ڪري کيس خوشي ٿي رهي آهي. ان موقعي تي ??عو??ي سيڙپڪاري واري وفا??ي وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته ??عو??ي عرب ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي اهميت، قدرتي وسيلن ۽ قابل تجديد توانائي جي صلاحيت کي تسليم ڪري ٿو. هن چيو ته ??عو??ي عرب پاڪستان جي انفراسٽرڪچر ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سندن وفد مختلف شعبن ۾ 25 معاهدن تي صحيحون ڪندو، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصاد?? تعاون کي فروغ ملندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته معاهدي تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصاد?? تعاون جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. ڌرين زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي پيٽروليم وارو وفا??ي وزير سينيٽر مصدق م??عو?? ملڪ، واپار وارو وفا??ي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪاري وارو وفا??ي وزير عبدالعليم خان، وفاقي گهرو وزير سينيٽر سيد محسن رضا نقوي، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفا??ي وزير چوڌري سالڪ حسين، سينيٽر سليم مانڊوي والا کانسواءِ ??عو??ي سفير نواف بن سعيد المالڪي پڻ موجود هو.