اسلام آباد-11 آڪٽوبر(اي پي پي) آسٽريليا پاڪستان کي نهري پاڻي جي ورڇ تي تحقيق واري منصوبي لاءِ 3 ملين آسٽريلوي ڊالر فراهم ڪندو، گذريل ڏينهن ا??تص??دي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه جي منظوري کان پوءِ ا??تص??دي معاملن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز آسٽريلين سينٽر فار انٽرنشينل ايگريڪلچر ريسرچ جي چيف ايگزيڪيوٽو پروفيسر وينڊي امبر گر سان معاهدن تي صحيحيون ڪيون جن جو مقصد م??سمياتي مناسبت جي لحاظ کان پاڻي جي ورڇ ڪرڻ آهي. ان معاهدي موجب آسٽريليا پاڪستان کي ان منصوبي لاءِ 3 ملين آسٽريلوي ڊالر فراهم ڪندو اهو منصوبو پنجن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن سان پاڪستان ۾ نهري پاڻي جي ورهاست ۽ طريقن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد م??ندي. هن زرعي شعبي جي ترقي لاءِ آسٽريلوي سهڪار تي شڪري?? ادا ڪيو.