اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) واپ??ر واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ايراني وزير محمد عطا بڪ سان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. واپ??ر واري وزارت پاران جاري بيان موجب ڄام ڪمال خان ۽ محمد عطا بڪ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ محمد عطا بڪ صنعتي تعاون ۽ ثقا??تي مٽاسٽا تي پڻ زور ڏنو. وفاقي وزير پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپ??ر وڌائڻ ۽ سيڙپ??ار?? کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ ??ار??باري عمل کي آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي وزير پاڪستان ۽ ايران جي جاگرافيائي اهميت کي خطي جي ترقي جي لاءِ گيٽ وي قرار ڏنو. ايراني وزير محمد عطا بڪ چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپ??ار?? ۾ وڌيڪ موقعا ڳوليا ويندا. ايراني وزير محمد عطا بڪ پاران ڄام ڪمال خان کي ايران جي اعليٰ سطحي دوري جي دعوت ڏني.