اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) تو??نا??ي (پاور ڊويزن) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين جي سربراهيءَ ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تو??نا??ي جي شع??ي ۾ سهڪار تي ڳالهيون ٿيون. ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي تو??نا??ي جي شع??ي ۾ اي ڊي بي جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن چيو ته اسان پي پي ايم سي ۾ هڪ ٽيم تيار ڪري رهيا آهيون جيڪا پاور ڊويزن کي پاليسي رهنمائي فراهم ڪندي، اي ڊي بي جي سهڪار سان صحيح ڪم ڪرڻ لاءِ صحيح ماڻهن جي مقرري ممڪن ٿي سگهندي. اويس لغاري چيو ته ڊسڪوز جي نجڪاري کان اڳ ان کي بهتر پوزيشن ۾ آڻڻ لاءِ اسان جي ترقياتي ڀائيوارن طرفان ان ۾ سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي. اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين چيو ته بئنڪ جي سيڙپڪاريءَ جو وڏو حصو تو??نا??ي جي شع??ي جي مختلف منصوبن خاص طور تي ٽرانسميشن انفراسٽرڪچر تي ٻڌل آهي. ايمافين چيو ته تو??نا??ي جو شع??و پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ ماڻهن جي زندگين ۾ مُک ڪردار ادا ڪري ٿو، اي ڊي بي پاڪستان ۾ نجي شع??ي جي ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ گورننس کي بهتر بنائڻ لاءِ مختلف رٿائن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته اي ڊي بي پاڪستان جي تو??نا??ي جي شع??ي جي پائيداري، جديديت ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. پاور ڊويزن طرفان جاري پڌرائيءَ موجب پاڪستان ۽ اي ڊي بي ماضيءَ وانگر مستقبل ۾ به گڏيل صلاح مشوري سان تو??نا??يءَ جي شع??ي جي ترقي ۽ ٻين اهم منصوبن تي سهڪار جاري رکندا.