اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي آسٽريليا جي خلاف ون ڊي ??ئچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هڪ ٻي غيرمعمولي ??ئچ ۾ فتح تي مبارڪ هجي. اسان کي خبر هئي ته توهان اهو ڪري سگهو ٿا. وزيراعظم سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته آسٽريليا جي خلاف متاثر ڪندڙ فتح تي اسان کي پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم تي فخر آهي. هن چيو ته ڪاميابي جي پٺيان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ پوري ٽيم جون تمام وڏيون ڪوششون آهن. وزيراعظم ڪپتان محمد رضوان کي ٽيم جي ق??ادت سان گڏوگڏ ??ئچ دوران 6 ڪئچ ڪرڻ، صائم ايوب کي 82 رنسون ٺاهڻ ۽ حارث رئوف کي 5 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف چيو ته اسان جي ٽيم جا حوصلا بلند آهن، پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪندا رهو.