اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بابا گرونانڪ ديوجي ??ي ??نم ڏڻ تي سک برادريءَ کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته بابا گرونانڪ انسانيت سان پيار، مساوات ۽ همدرديءَ جو پيغام عام ڪيو، بابا گرونانڪ مذهبي رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگي جو بهترين مثال هو. ڪالهه پنهنجي ??يان ۾ وفاقي وزير چيو ت?? بابا گرونانڪ جي ??نم ڏڻ ۾ شرڪت لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ياترين کي ڀليڪار چئون ٿا. وفاقي وزير چيو ت?? برطانيه، آمريڪا ۽ ڪئنيڊا جا پاسپورٽ رکندڙ سک برادريءَ لاءِ آن لائن فري ويزا جي ??هولت ڏني وئي آهي، پوري ڪوشش آهي ته سک برادري لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وڃن. وفاقي گهرو وزير واضح ڪيو ت?? آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ لاءِ به سک برادري لاءِ خاص ڪوٽا رکي وئي آهي. هن چيو ت?? سک برادريءَ کي مذهبي رسمن جي ??دائگي لاءِ هر طرح جي ??هولت فراهم ڪئي وئي آهي. گهرو وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ت?? پاڪستان ۾ سمورن اقليتن جي ??قن جو تحفظ اسان جو فرض آهي.