اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اسلام آباد ۾ ٻن ڏينهن کان جاري پي ٽي آءِ جي احتجاج جي حوالي سان خب??ن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني آئيني بينچ متفرق درخواستن ۽ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن کي خيبرپخت??نخ??ا ۾ ضم ڪرڻ بابت پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست جي ٻڌڻي ڪ??ي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل ايڊووڪيٽ بابر اعواڻ جي درخواست تي عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي. بابر اعواڻ عدالت آڏو گذارش ڪئي ته فاٽا پهريان ئي خيبرپخت??نخ??ا ۾ ضم ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان ڪنهن ڪارروائي جي ضرورت ناهي. وڊيو لنڪ ذريعي مون موجود ڪي پي جي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي گذارش ڪئي ته طاقت جي استعمال تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته آئيني بينچ کي ايئن ڪرڻ جو اختيار آهي. تنهن هوندي به عدالت ان درخواست کي رد ڪندي چيو ته اهو معاملو عدالت آڏو ناهي. جسٽس مسرت ه??ال?? عدالت کي سياسي معاملن ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش تي ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي کي تنبيهه پڻ ڪئي.