اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي س?? بي) چيئر مين محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم ۾ جاري نئين تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ اوچتو دورو ڪيو، 53 ڏينهن ۾ اسٽيڊ??م جو مجموعي طور تي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو جنهن ۾ مين بلڊنگ جو اسٽرڪچر 100 سيڪڙو، پويلين 90 سيڪڙو جڏهن ته انڪلوزرز جو تعميراتي ڪم 75 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. محسن نقوي کي ٻڌايو ويو ته تماشائين جي س??ٽن لاءِ اسٽرڪچر جي تعمير ۽ خندقن جو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي. پي س?? بي چيئرمين پويلين فلورز تي ڪيل جاري ڪم جو جائزو ورتو ۽ خندقن جي ٻنهي پاسي گرل لڳائڻ جي هدايت ڪئي. هن قذافي اسٽيڊ??م جي نئين سر تعمير جي ڪم تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو . محسن نقوي جو چوڻ هو ته 10 آ??ٽوبر تي قذافي اسٽيڊ??م جي نئين سر تعمير جي ڪم جي باقاعده شروعات ڪئي وئي هئي الحمد الله 53ڏينهن ۾ انتهائي تيز ۽ اعليٰ معيار سان ڪم ڪيو ويو ۽ ڏينهن رات ڪم جاري آهي.