اسلام آب??د-05 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته معاشري ۾ امن قائم ??رڻ ۾ پو??يس جو اهم ڪردار آهي، امن ۽ ترقي هڪٻئي لاءِ ضروري آهن، ڪنهن به معاشري يا ملڪ جي ترقي جو دارومدار اتي جي امن امان جي صورتحال تي هوندو آهي، جتي امن هوندو، اتي سيڙپڪاري، تعليمي موقعا، روزگار ۽ معيشت کي هٿي ملندي. اسلام آباد ۾ پو??يس عوام سان گڏ جي نئين فيز جي شروعات تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته امن ۽ ترقي جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. امن کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان کي چئلينجن کي موقعن ۾ بدلائڻو آهي، معاشري ۾ امن قائم ??رڻ لاءِ پو??يس کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسان نوجوانن کي ميرٽ تي ليپ ٽاپ ڏنا، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پو??يس سميت ٻين شعبن ۾ عورتون اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معاشري ۾ امن امان قائم ??رڻ ۾ پو??يس جو ڪردار انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پو??يس عوام جي تحفظ ۽ قانون جي عملداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ بنيادي ادارو آهي. پو??يس جو ڪردار نه رڳو ڏوهن جي روڪٿام پر سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ به اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته هڪ مضبوط ۽ منظم پو??يس فورس امن جي قيام ۽ شهرين جي اعتماد جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. ??ن سان گڏ ئي هن پو??يس کي جديد تربيت ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ته جيئن هو وڌيڪ موثر طريقي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن. هن چيو ته امن کانسواءِ داخلي مسئلا پيدا ٿيندا آهن پر پرڏيهي سيڙپڪار به اهڙن ملڪن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن، جنهن سان ترقي جو عمل رڪجي ويندو آهي. هڪ مستحڪم ۽ پرامن ماحول ئي معيشت کي مضبوط ڪرڻ، بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي. اهو ئي سبب آهي ته حڪومتن کي امن امان جي قيام لاءِ موثر قدم کڻڻ ۽ عوام ۾ گڏيل اتحاد ۽ يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. امن ئي اهو بنياد آهي جنهن تي ترقي جي عمارت بيهاري سگهجي ٿي.