اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ اسلام آباد احمد شهزاد گوندل قومي خابرو اداري (اي پي پي) ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ نامزد مرڪزي جوا??دا?? ارشد مجيد چوڌري سميت 5 جوا??دا??ن کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. قومي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اي پي پي جي اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد، سندس پٽ تيمور ارشد، سعد يوسف، قيصر جواد ۽ فواد خان کي ع??الت ۾ پيش ڪيو. ريمانڊ ۾ ايف آءِ اي گذارش ڪئي ته جوا??دا??ن کان وڌيڪ جاچ، رڪارڊ ۽ رقم جي برآم??گي جي لاءِ 7 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ گهربل آهي. ايف آءِ اي جي سب انسپيڪٽر احتشام گوندل ??دالت کي ٻڌايو ته اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد 18 ملازمن کي پگهارون جاري ڪرڻ جون صحيحون ڪيون جيڪو غيرقانوني قدم آهي جڏهن ته عثمان يونس بطور آڊٽ انچارج ان فراڊ ۽ دوکيبازي ۾ ملوث آهي. جوا??دا??ن کان دستاويزن جي برآم??گي ۽ اي پي پي کان ورتل پگهار جي مد ۾ وصول ڪندڙ رقم برآمد ڪرڻ جي لاءِ جوا??دا??ن جو 7 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي. جاچ آفيسر احتشام گوندل چيو ته اسان جي جاچ موجب انهن مقررين جو نه ته اداري نوٽيفڪيشن ڪيو آهي، نه ئي ايڇ آر ڊپارٽمينٽ ۾ انهن جو رڪارڊ آهي ۽ نه ئي ميڊيڪل رپورٽ اداري کي پيش ڪئي وئي آهي. اهي ڀرتيون اداري جي سربراهه جي جعلي صحيحن جي ذريعي ڪيون ويون آهن. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته قومي خابرو اداري اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ مئنيجر ايڇ آر کان به جاچ ڪئي آهي جنهن سان ثابت ٿيو آهي ته اهي مقرريون انهن جي منظوري سان ناهن ٿيون. عدالت کي ٻڌايو ويو ته انهن مان ڪيترائي ملازم ٽن ٽن مهينن جون پگهارون وٺي چڪا آهن. انهن جي ريڪوري ۽ انهن مقررين جي جعلي دستاويزن جي برآم??گي جي لاءِ جوا??دا??ن جو جسماني ريمانڊ ضروري آهي. اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد چوڌري جو پٽ تيمور ارشد پڻ فائدا وٺندڙن ۾ شامل آهي. ان ڪيس بابت سمورو رڪارڊ ارشد مجيد وٽ آهي، ان جو به جسماني ريمانڊ ضروري آهي. ان ڪيس ۾ نامزد جوا??دا??ن مان ڪيترائي رشتيدار آهن جڏهن ته اهو به ثابت ٿئي ٿو ته ان ڪيس جو مرڪزي ڪردار مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد چوڌري آهي. اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر خرم بيگ عدالت کي ٻڌايو ته جوا??دا??ن جعلي ڪاغذ تيار ڪري جعلي صحيحن جي ذريعي ڀرتيون ڪيون ۽ اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد انهن کي پگهارون جاري ڪيون. خرم ملڪ ٻڌايو ته انهن ڀرتين جي منظوري نه ته مقرري ڪندڙ عملدارن کان ورتي وئي هئي نه ئي ايڇ آر جي رڪارڊ ۾ موجود آهي. گرفتار 5 جوا??دا??ن مان 4 جوا??دا?? اهڙا آهن جن اي پي پي کان پگهار جي ذريعي غيرقانوني فائدا حاصل ڪيا جڏهن ته اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽس جون صحيحون موجود آهن جنهن جي ذريعي انهن کي پگهار جاري ٿيندو رهيو. ٻڌڻي دوران جج احمد شهزاد گوندل ??يف آءِ اي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ان ڪيس ۾ مقرري ڪندڙ عملدارن کان به جاچ ڪئي وئي ته ان جي جواب ۾ انسپيڪٽر ايف آءِ اي ع??الت کي ٻڌايو ته اي پي پي جي ايم ڊي سميت مئنيجر ايڇ آر کان به ان معاملي تي جانچ ڪئي وئي جنهن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته ڄاڻايل ڀرتيون جعلي ۽ غيرقانوني دستاويز تيار ڪري ڪيون ويون آهن. جنهن تي جج چيو ته غيرقانوني ڀرتي ٿيندڙن کان رقم واپس وٺڻي هوندي آهي، وڌيڪ انويسٽيگيشن سان ثابت ٿيندو ته ڇا اهي ڀرتيون جعلي آهن. جج حڪم ڏنو ته جوا??دا??ن جي خلاف ٿيندڙ محڪماڻي انڪوائري رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران ارشد مجيد ۽ تيمور ارشد پاران عامر عباس ملڪ، جوا??دا?? سعد يوسف پاران راشد عمر اولک عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪئي. عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي پنجن ئي جوا??دا??ن کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ايف آءِ اي اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور جي ع??الت پاران جوا??دا??ن جون عبوري ضمانتون رد ٿيڻ تي ع??الت جي ڪمري ٻاهران جوا??دا??ن کي گرفتار ڪيو هو. ايف آءِ اي قومي خابرو اداري اي پي پي ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ جوا??دا??ن تي ايف آءِ آر داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪئي هئي.