اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاق?? وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي. قانون وار?? وزير نئين مقرر ٿيل ترڪيه جي سفير جي آجيان ڪئي. قانون ۽ انصاف وار?? وزارت طرفان جاري بيان موجب قانون واري وفاق?? وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ??رڻ لاءِ ترڪيه سان گڏجي ڪم ??رڻ جا خواهشمند آهيون. ٻنهي م??ڪن وچ ۾ تاريخي، پُراڻن ۽ ڀائراڻن ناتن جو ذڪر ڪندي وفاق?? وزير مختلف شعبن ۾ سهڪار جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ ڊجيٽلائيزيشن، ججن جي تربيت ۽ جيلن بابت سڌارن تي تعاون جو ورجاءُ ڪيو ويو. قانون وار?? وزير چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ ترڪيه جهڙيءَ طرح ترقي ڪئي آهي پاڪستان ان مان سِکي سگهي ٿو. ٻنهي ڌُرين ڪيس مئنيجمينٽ سسٽم ۽ جيل مئنيجمينٽ سسٽم جي شعبن ۾ سهڪار تي اتفاق ??يو. ترڪيه جي سفير شاندار آجيان تي قانون وار?? وزير جو ٿورو مڃيو.