اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ بي جي پي جي فاشسٽ حڪومت جي هٿان 126 ڏينهن ڊگهو ڪرفيو ۽ ميڊيا بليڪ آئوٽ والاريل ڪش??ير جي عوام جي بنيادي حقن جي کليل خلاف ورزي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي پارلياماني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ سعودي عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ جي سربرا??ي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.