جنيوا – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارت ۾ تڪراري شهريت بل جي منظوري جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته دنيا ڄاڻي وٺي ته ڀارت ۾ پناهگيرن جو هڪ وڏو بحران جنم وٺي رهيو آهي، 5 آگسٽ کان والاريل ڪشمير جي 80 لک عوام ق??د آهي، ڄاڻي واڻي مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پناهگي??ن بابت عالمي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته پناهگي??ن بابت پهرين عالمي فورم جي انعقاد تي خوشي ٿي.