اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان جي صدارت ۾ مه??نگ??ئي، ملاوٽ ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف قدمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن ٿيو جنهن ۾ صوبن وزيراعظم کي ضروري شين جي دستيابي بابت بريفنگ ڏني، وزيراعظم ع??ران خان صوبائي حڪومتن کي ملاوٽ ڪندڙ عنصرن جي خلاف فوري ڪارروائي، فوري طور تي پرائس مانيٽرنگ، نيشنل ڊيمانڊ اينڊ سپلاءِ سيل ۽ بلوچستان ۾ فوڊ ٽيسٽنگ ليبارٽري قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم ع??ران خان جي صدارت هي?? اجلاس ۾ مه??نگ??ئي، ملاوٽ ڪندڙن ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف قدمن جو جائزو ورتو ويو.