اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردو?? عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلاول ??احب! جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جو وس هلي ته ٻن خاندانن کان قوم جي لٽيل رقم واپس ڏياريو، ان جي خلاف تحريڪ هلايو پوري قوم توهان جو ساٿ ڏيندي، بلاول ??احب عوام جو وس هلي ته ٿر جي معصوم ٻارن جي قاتلن کي عبرت جو نشان بڻائي ڇڏي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردو?? عاشق اعواڻ چيو ته عوام جو وس هلي ته انهن جو مستقبل انهن کان کسيندڙن کي لوهه ??ا زيور پارائين، بلاول ??احب! پاڪستان جي عوام باشعور آهي، هن چيو ته عوام مخالف ڌر جي اصليت ۽ نيت ٻنهي کان چڱي ريت آگاهه آهي.