اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزار جي هدايت تي هيومن رائيٽس جي پارليامينٽري سيڪريٽري لالچند ماله?? ڪرڪ ضلعي جي ڳوٺ ٽيري ۾ ساڙيل ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندڙ شري پدم هنس مهاراج جي م??در جو دورو ڪيو. اتي پارلياماني سيڪريٽري م??امي امن جرڳي ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان ملاقات ڪئي. امن ڪميٽي ??نت??اميه ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان مڪمل تعاون جي خاطر?? ڪرائي، مقامي ماڻهن ٻڌايو ته مندر تي حملو پوليس جي م??جودگي ۾ ٿيو. پوليس جاني نقصان کان بچڻ لاءِ فوري ايڪشن کان پاسو ڪيو، ??نت??اميه بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ته شري پدم هنس مهراج جي م??در تي حملو ڪندڙ مرڪزي م??زم مولي محمد شريف کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ هن وقت تائين 45 جو??بد??رن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي وفاقي پارلياماني سيڪريٽري هندو برادري کي خاطر?? ڪرائي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اقليتن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي ۽ اقليتي برادري جي م??دس ماڳن جي به حفاظت ڪندي.