اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ ثمينه عارف علوي چيو آهي ته معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي سم??جي تحفظ جي فراهمي ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان جا ٻار اسان جو مستقبل آهن ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ کين تعليم ۽ هنر ج?? فراهمي ضروري آهي، پاڪستان بيت المال ٻارن کان مشقت جي خاتمي لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان بيت المال جي هيڊڪوا??ٽر?? ۾ جبري پورهيئي کان متاثر ٻارن جي بحالي لاءِ پاڪستان بيت المال پاران قائم ڪيل اسڪولن جي ٻارن ۾ اسڪول بيگز ۽ ٻيا تح??ا ورهائڻ جي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪئي. اهي تح??ا پاڪستان ۾ مقرر غير ملڪي سفارتخانن جي هيڊ آف مشنز جي گهروارين جي گروپ ڏنا آهن. صدر ج?? گهرواريءَ تقريب جي انعقاد ۽ تح??ن تي سفارتي ڪميونٽي جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته انساني ڀلائي ۽ ترقي جي ڪا به سرحد ناهي هوندي. هن چيو ته نوجوان نسل جو ڪنهن به معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار هوندو آهي، اسان جا ٻار اسان جو مستقبل آهن ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ کين تعليم ۽ هنر ج?? فراهمي ضروري آهي، تعليم هر ٻار ج?? حق آهي ۽ ان کي حق آهي ته هو پنهنجو ننڍپڻ ڀرپور انداز ۾ گذاري.