اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان مقامي ح??ومت کي جمهوريت جو بنيادي ڍانچو قرار ڏيندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته ??هي پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جي فوري انعقاد جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظ?? عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ۾ بلدياتي معاملن بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، فواد چوڌري، شفقت محمود، مخدوم خسرو بختيار، غلام سرور خان، چوڌري طارق بشير چيما، مونس الاهي، پنجاب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي بلديات واري وزير ميان محمود الرشيد وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پنجاب حڪومت وزيراعظم کي صوبي ۾ نئين لوڪل گورنمينٽ ماڊل تي بر??فن?? ڏني. وزيراعظ?? عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مقامي ح??ومت جمهوريت جو بنيادي ڍانچو آهي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته مضبوط بلدياتي نظام کانسواءِ جمهوريت نامڪمل آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ??هي بلدياتي نما??ند?? جي سڌوسنئون چونڊن کي يقيني بڻائين ۽ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون فوري طور تي ڪرائڻ جي لاءِ قدم کڻن.