اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آسٽريا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن خميس ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آسٽريا جي هم منصب اليگزينڊر شيلن برگ سان م??اقات دوران چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان م??جب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي ڊگهي مدي واري شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان آسٽريا کي يورپي يونين جو هڪ اهم ميمبر سمجهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ماحوليات، صحت ۽ تجديد قابل توانائي، آبي وسيلن، زراعت، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ اڳ ئي ٻطرفي سياسي مشاورتي اجلاس جي جلد انعقاد جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي بهتر صورتحال ۽ ڪاروباري سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عالمي درجا بندي ۾ بهتري سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن ۾ اضافو ٿيو آهي، آسٽرين ڪاروباري ماڻهو ۽ ڪمپنيون، اسان جي حڪومت جي ”ڪاروباري دوست پاليسين“ مان فائدو وٺندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين م??افعو ڪمائي سگهن ٿا. پرڏي??ي وزير آسٽرين هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.