اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان آزاد ڪشمير جي اڳوڻي صدر ۽ آمريڪا لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان ??ارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ??وجب سينيٽ چيئرمين آمريڪا ۾ سفير طور نامزدگي تي سردار مسعود خان کي مبارڪابد ڏني، سينيٽ چيئرمين ان ??وقعي تي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ??طرفي، وسيع البنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي،
سينيٽ چيئرمين چيو ته ضرورت ان ڳالهه ج?? آهي ته موثر سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌيان ??اڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ميسر وسيع موقعن طرف ڇڪرايو وڃي، هن اميد ظاهر ڪئي ته سردار مسعود خان جهڙي تجربيڪار سفارتڪار جي مقرري سان ??اڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. سردار مسعود خان سينيٽ چيئرمين سان سندس ڏاڏيءِ ۽ ننڍي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، آمريڪا لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خان سينيٽ چيئرمين جو ٿورو ادا ڪيو ۽ عا??مي سطح تي پاڪستان جي موثر طريقي سان ??مائندگي جي عزم کي ورجايو.