اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سي??ريٽري سهيل محمود چيو آهي ته پاڪستان قطر سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي آفيس موجب اها ڳالهه هن قطر جي علائقائي معاملن بابت معاون پرڏيه?? وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز بن صالح الخليفي سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي سي??ريٽري ۽ قطر جي علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت معاون پرڏيه?? وزير خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ گهڻ رخي پاڪ قطر لاڳاپن جو جائزو به ورتو. پرڏيهي سي??ريٽري ٻطرفي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، هن علائقائي امن ۽ استحڪام خاص طور تي افغان امن عمل جي ڏس ۾ قطر جي تعميري ڪردار کي به ساراهيو. پرڏيهي سي??ريٽري افعان عوام جي فوري انساني ۽ اقتصادي ضرورتن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏنو، هن چيو ته 40 سالن جي تڪرارن ۽ عدم استحڪام کانپوءِ افغانستان ۾ امن کي مستحڪم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو مليو آهي ۽ اسان کي ان موقعي مان فائدو کڻڻ گهرجي. قطر جي معاون پرڏيه?? وزير افغانستان ۾ انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ٺوس نتيجن تي پاڪستاني قيادت کي ساراهيو. هن 48 هين اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي پاڪستان کي مبارڪباد به ڏني، پرڏيهي سي??ريٽري سهيل محمود قطر جي معاون پرڏيه?? وزير کي و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي ز??ر ڏنو ته ڀارت پاران پاڪستان تي ميزائل فائر ڪرڻ جي تازي و??قعي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي، انهن حقيقتن تائين پهچ لاءِ گڏيل جاچ جي ضرورت آهي، هن چيو ته جتي پاڪستان صبر ۽ تحمل ۽ ذميداري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي اتي ڀارت جو غير ذميواراڻو طرز عمل علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي.