اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته عام ماڻهو جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لا??ِ فوري قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال تي اعليٰ سطح جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وز??راعظم چيو ته حڪومت پاڪستان معاشي لحاظ کان مستحڪم بڻائڻ جي لا??ِ هنگامي قدم کڻڻ وڃي رهي آهي. وز??راعظم معاشي ٽيم کي هنگامي بنيادن تي معيشت جي بهتري لا??ِ سڌارن جي ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن هر صورت ۾ عام ماڻهو جي معاشي حالت بهتر ڪرڻ جي لا??ِ قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??راعظم ملڪي مج??وع?? معاشي صورتحال جي بهتري سان گڏوگڏ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لا??ِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو. اجلاس ۾ وز??راعظم کي ناڻي واري وزارت پا??ان ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وز??راعظم پريشان ڪندڙ معاشي انگن اکرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، زبير عمر، عائشه غوث پا??ا، طارق محمود پا??ا، بلال ڪياني ?? لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.