اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) قطر جي وزيراعظم شيخ خالد بن خليفه بن عبدالعزيز آل ثاني شهباز ??ريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ هن وزيراعظم شهباز ??ريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پي ايم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز ??ريف چيو ته توهان سان دوستي پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته قطر ۽ پاڪستان ٻه ڀائر ملڪ آهن جن جي تاريخي دوستي گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي قائم آهي. وزيراعظم شهباز ??ريف وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ويجهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ پڪو بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم شهباز ??ريف قطر جي پنهنجي هم منصب جو نيڪ خواهشن تي جوابي خيرسگالي جي جذبن سان ٿورا پڻ مڃيا.