اسلا?? آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 22 اپريل تي پنجگور ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر شاهد بشير جي والده سان ??عز??ت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد کي عظيم قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان ڳالهائيندي شهيد جي والده چيو ته وطن جي خاطر هڪ ٻيو پٽ به شهادت لاءِ موڪلڻ چاهيان ٿي. صدر عارف علوي 22 اپريل تي اتر وزيرستان ۾ سرحد پار حملي جي شهيدن جي پوئينرن سان به ??عز??ت جو اظهار ڪيو. صدر حوالدار تيمور، سپاهي ثاقب نواز ۽ نائ??ڪ محمد شعيب جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت ۽ وارثن لاءِ صب?? جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي بلند درجن، وارثن کي پيارن جي جدائي جو ڏک برداشت ڪرڻ جي همت لاءِ به دعا ڪئي.