جده – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دو??ي جي ٻئي ڏينهن مدينه منوره کان جده پهچي ويو. مڪه جي گورنر خ??لد بن فيصل السعود ۽ سعودي عرب جي قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر مسعد بن محمد العيبان هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم مدينه منوره ۾ قيام دو??ن ٻه ڀيرا روزه رسول ﷺ تي حاضري ڏني، رياض الجنته ۾ نوافل ادا ڪيا، جمعته الوداع جي نماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئي، ملڪي سلامتي، ترقي ۽ سماجي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مفتاح اسماعيل، نوابزاده شاهه زين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجه محمد آصف، چوڌري سالڪ حسين، ڊاڪٽر خ??لد مقبول صديقي، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به وزيراعظم سان وفد ۾ شامل آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو اهو پهريون غير ملڪي دو??و آهي، دو??ي دو??ان وزيراعظم ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ب?? عبدالعزيز ۽ لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتن ۾ اقتصادي، واپاري ۽ رابطن کي واڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ کان ??ڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، ان موقعي تي دو??ت ملڪ گڏيل دلچسپي جي معاملن خا?? طور تي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ سعودي عرب ڀائراڻي لاڳاپن ۾ جڙيل آهن جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام ۽ تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام حرمين شريفين جي متولي کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي، سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ب?? عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دو??ي تي آهي.