اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان وڪيل اڳواڻن جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل اشتر ا??صاف پڻ موجود هئا جڏهن ته وڪيل اڳواڻن جي وفد ۾ سپريم ڪورٽ بار ا??سوسيئيشن جو صدر احسن ڀون، پاڪستان بار ڪائونسل جو سربراهه حفيظ الرحمان، لاهور هاءِ ڪورٽ بار ا??سوسيئيشن جو صدر اڪبر ڊوگر، پنجاب ب??ر ڪائونسل جو سربراهه جعفر طيار، اسلام آباد بار ڪائونسل جو سربراهه قمر سبزواري، سيد قلب حسن، امجد شاهه، مسعود چشتي، عابد ساقي ۽ ٻيا شامل هئا. وزيراعظم وڪيل برادري جي سينيئر چونڊيل اڳواڻن جي حڪومت تي اعتماد جا ٿورا مڃيندي چيو ته وڪيل ملڪ جو عظيم اثاثو آهن. حڪومت وڪيلن جي پيشيواراڻي معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪندي. وزيراعظم قانون واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته وڪيل پروٽيڪشن ايڪٽ ۽ بار ڪائونسل ايڪٽ ۾ ترميمن تي فوري ڪم شروع ڪيو وڃي. وڪيل اڳواڻن وزيراعظم شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته وڪيل برادري جمهوري ادارن جي مضبوطي جي لاءِ ڪردار ادا ڪندي آئي آهي ۽ اڳتي به ڪندي. وڪيل اڳواڻن آئيني بحران جي حل ۾ عدليه جي ڪردار کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت عوام جي اميدن م??جب معيشت کي سنڀالي وٺندي.