اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 156 – ون تحت قومي اقتصادي ڪائونسل ??ي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قومي اقتصادي ڪائونسل جو چيئرمين ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير ڪائونسل جا ميمبر هوندا. وفاق مان منصوبابندي وا??و وفاقي وزير ا??سن اقبال، ناڻي وا??و وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، واپار وا??و وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ مواصلات وا??و وفاقي وزير اسعد محمود اقتصادي ڪائونسل جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته پنجاب مان سردار اويس احمد خان لغاري ۽ سنڌ مان سينيٽر نثار احمد کهوڙو جا نالا قومي اقتصادي ڪائونسل جي ميمبر طور منظور ڪيا ويا، خيبرپختونخواهه مان ناڻي وا??و وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بلوچستان مان ناڻي وا??و سينيئر وزير نور مح??د دمڙ بطور ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين، ناڻي وا??و سيڪريٽري، اقتصادي معاملن وا??و سيڪريٽري ۽ منصوبابندي ڊويزن وا??و سيڪريٽري خصوصي دعوت تي قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم سمري تحت قومي اقتصادي ڪائونسل ??ي نئين سر جوڙجڪ جي درخواست ڪئي هئي. صدر قومي اقتصادي ڪائونسل ??ي نئين سر جوڙجڪ وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪئي آهي.