ٽانڪ – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف زور ڏنو آهي ته ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ فوري بحالي جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، خيبرپختونخواهه حڪومت متاثرين کي ڏيندڙ معاوضي ۾ اضافو ڪري، خيبرپختونخواهه ۾ ٻي پارٽي جي حڪومت هجڻ جي باوجود صوبا??ي حڪومتن سان گڏجي متاثرين سان خدمت ڪري رهيا آهيون، ان مسئلي تي اسان جي وچ ۾ ڪو اختلاف نه آهي، هي سڄي پاڪستان جو مسئلو آهي، ان تي ڪا به سياست نه ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ضلعي ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن، ريليف ۽ بحالي جي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. ٽانڪ جي ڊپٽي ڪمشنر حميدالله خان وزيراعظم کي ٻڌايو ته فيلڊ ريليف ڪئمپ ۾ خوراڪ جي فراهمي، صاف پيئڻ جي پاڻي کانسواءِ عارضي ڇتن جي فراهمي يقيني بڻائي و??ي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته امدادي ڪمن ۾ ايف سي، پاڪ فوج، ريسڪيو 1122 ۽ پوليس حصو ورتو. ٽانڪ ۽ ڊي آئي خان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب گهر ۽ فصل تباهه ٿيا، چوپالي مال کي نقصان پهتو آهي، متاثرين جي لاءِ 3 ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون، اماخيل ۾ متاثرين جي لاءِ هڪ عارضي رهائشي ڪئمپ قائم ڪئي و??ي آهي. ٻوڏ متاثرين کي کاڌو ڏنو پيو وڃي، ان ڊويزن ۾ برساتن سبب 293 گهر متاثر ٿيا، 1720 ايڪڙ زرعي زمين متاثر ٿي، 143 گهر تباهه ٿيا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ضلعي ٽانڪ ۾ 11 هزار گهرن کي نقصان پهتو، 2 فوتگيون ۽ 7 ماڻهو زخمي ٿيا. ان موقعي تي پي ڊي ايم اي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته وزيراعظم کي اسان گذارش ڪئي ته هو انهن ڏورانهن متاثر علائقن جو دورو ڪري. اڄ هن هتان جو دورو ڪيو آهي جنهن تي سان سندس ٿورائتا آهيون. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ قائم ٽينٽ بستين جو به دورو ڪيو. هن متاثر خاندانن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻارن سان شفقت جو اظهار ڪيو. هن متاثرين کي خاطري ڪرائي ته وفاقي ۽ صوبائي ٻ??ي حڪومتون انهن جي فوري بحالي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪري رهيون آهن. وزيراعظم ان موقعي تي ٻوڏ سبب متاثر بزرگن سان ڳلي مليو. متاثرين ڏکويل اکين سان همدرديءَ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو پهريون وزيراعظم آهي جيڪو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انهن سان گڏ آهي. ان موقعي تي مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسد محمود ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام کانسواءِ ٻيا اعليٰ پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس دوري جو پ??وگرام ٽي ڀيرا بڻيو پ?? خراب موسم سبب اهو دورو ممڪن نه ٿي سگهيو، اڄ حاضر ٿيو آهيان. هن خاطري ڪرائي ته صوبا??ي حڪومتن سان گڏجي متاثرين جي بحالي ۽ ريليف جو پ??وگرام جاري رهندو. ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙن جي لاءِ صوبا??ي حڪومت سان گڏجي مالي امداد ڏني ويندي. جيتوڻيڪ اها امداد انهن جي ڏکن جو ازالو نه ٿي ڪري سگهي ڇو ته جنهن جي جگر جو ٽڪرو وڇڙي وڃي ان جي لاءِ سڄي عمر جو روڳ بڻجي ويندو آهي پر الله جي منشا تي راضي ٿي زندگي صبر ۽ شڪر سان گذارڻي پوندي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت فوت ٿيندڙن جي لاءِ 10 لک رپيا في ماڻهو پونئيرن کي ادا ڪري رهي آهي. هتي صوبي ۾ 8 لک رپيا ڏنا پيا وڃن، جيڪي اڳ ۾ 3 لک رپيا هئا، مون خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي چيو ته هو ان کي وڌائي 10 لک رپيا ڪري، 10 لک وفاق ۽ 10 لک صوبي جي پونئيرن کي ملڻ سان مشڪلاتن جو ڪجهه ازالو ٿيندو. هن چيو ته زخمين کي وفاق 25 هزار رپين بدران اڍائي لک رپيا ڏئي رهيو آهي. ??ڪم?? تباهه گهرن تي 5 لک جڏهن ته جزوي نقصان تي 2 لک رپيا ادا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته فصلن جي نقصان تي صوبا??ي حڪومتون سروي ڪري رهيون آهن. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي هدايت ڪ??ي آهي ته هو ان تي گڏيل سروي ڪري. وزيراعظم ان موقعي تي اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ وزيرن پاران متاثرين جي بحالي ۽ فوري ريليف يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته فوجين جي فيلڊ فارميشن هر جڳهه تي موجود آهي، اهي ان ۾ تعاون ڪن، جنهن تي آرمي چيف چيو ته اها قومي ذميواري آهي، ان ۾ ??ڪم?? تعاون ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته معاوضي جي ادائيگي ۾ ڪنهن جو حق نه ماريو ويندو، يقيني بڻائينداسين ته قوم جا وسيلا ضايع نه ٿين، حقدار کي حق ملي. وزيراعظم چيو ته اڄ ان حوالي سان اجلاس رکيو هو، جيتوڻيڪ ان کي ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دوري سبب ٻن ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪيو آهي. هن چيو ته صوبن ۾ روڊن، پلين سميت انفراسٽرڪچر کي ٿيندڙ نقصان جي جلد سروي ڪئي ويندي، ان ۾ دير نه ٿيندي. هن اين ايڇ اي جي چيئرمين جي ڪم کي ساراهيندي چيو ته اهڙا فرض شناس آفيسر موجود آهن جيڪي دين، دنيا ٻئي ڪمائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان صوبا??ي حڪومتن سان گڏجي متاثرين جي خدمت ڪري رهيا آهيون. صوبا??ي حڪومت سان گڏجي متاثرين جي فوري بحالي چاهيون ٿا. خيبرپختونخواهه ۾ ٻي پارٽي جي حڪومت آهي، جيتوڻيڪ ٻوڏ متاثرين جي حوالي سان ڪو به اختلاف نه آهي. هي پاڪستان جو معاملو آهي، عوام ۽ ٻارن جو معاملو آهي، ان تي ڪا به سياست نه ٿيندي، اسان عوام جا خادم بڻجي آخري متاثر ماڻهو کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ تائين خدمت جو سفر جاري رکنداسين.