اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ گير وڻڪاري جي لاءِ گ??يل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻيلن ۾ اضافي سان پائيدار ترقي جي فروغ، ملڪ کي ماحول دوست بڻائڻ ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. قومي چوماسي وڻڪاري مهم شروع ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافو دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر پگهرجڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي رهيو آهي. پاڪ??تا?? جو ماحولياتي نظام به موسمياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻيلن جي واڍيءَ جي ڪري خطري ۾ ورتل آهي. هڪ تازي رپورٽ موجب پاڪ??تا?? موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ اٺون ملڪ آهي. پاڪ??تا??، فلپائن ۽ هيٽي جهڙن ملڪن کي اڪثر قدرتي آفتن کي من??ن ڏيڻو پوي ٿو. پاڪ??تا?? کي عالمي حدت ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري اٽڪل هر سال ٻوڏ جهڙي صورتحال کي من??ن ڏيڻو پوي ٿو ۽ اربين رپين جو نقصان به برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هن چيو ته هڪ اندازي موجب گذريل 19 سالن ۾ پاڪ??تا?? کي ماحولياتي تبديلي سان واڳيل 173 واقعن کي من??ن ڏيڻو پيو ۽ هن سال به پاڪ??تا?? کي ٻوڏ صورتحال ۽ برساتن جي ڪري تباهي کي من??ن ڏيڻو پيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻين قدمن کانسواءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ ۽ وڻڪاري مهم سان پاڪ??تا?? جي قدرتي ماحول جي تح??ظ، ٻيلن ۾ اضافي ۽ عالمي حدت جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر چيو ته عالمي معيار موجب ڪنهن به ملڪ جي ٻيلن جي ايراضي اتڪل 25 سيڪڙو هجڻ گهرجي جڏهن ته عالمي بئنڪ جي سال 2020ع جي رپورٽ موجب پاڪ??تا?? ۾ ٻيلن جي ايراضي اٽڪل 4.8 سيڪڙو آهي. اسان کي پاڪ??تا?? ۾ وڌ کان وڌ ٻيلا لڳائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششون ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻي پوندي.