اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد چيو آهي ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ان??ونيو گوٽريس پاڪستان جي لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار طور اڄ جمعي ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان ا??ندو، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ۽ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري کانسواءِ ٻوڏ کان شديد متاثر علائقن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات کانسواءِ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ا??ف آر سي سي) جو دورو ڪندو جڏهن ته هو وزيراعظم سان گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ڪندو. ان??ونيو گوٽريس پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندا. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ بلوچستان ۽ سنڌ جي علائقن (سکر، موهن جو دڙو، لاڙڪاڻو ۽ اوستا ??حمد،) جو پڻ دورو ڪندو جتي هو امدادي ڪمن ۾ شروع کان سرگرم ڪارڪنن سان ملاقات کانپوءِ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ٻوڏ سٽيل علائقن جي صورتحال جو پاڻ م??اه??و ڪرڻ کانپوءِ هو جمعي جي شام ڪراچي ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو.