اوسته محمد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شه??از ??ري?? ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس ڇنڇر ڏينهن جعفرآباد ضلعي جي ٻوڏ سبب ??ري طرح متاثر علائقي اوسته محمد جو دورو ڪيو. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري وزيراعظم شه??از ??ري?? ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي چوماسي جي تازين برساتن ۽ ٻوڏ، ٻوڏ کانپوءِ سموري صوبي ۾ امداد ۽ بحالي جي ڪوششن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شه??از ??ري?? ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته بلوچستان ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڏورانهن علائقن تائين پهچڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، هن ٻڌايو ته ٻوڏ سبب بنيادي ڍانچي، رستن ۽ رابطي جي پلن کي شديد نقصان پهتو آهي، وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي، وفاقي حڪومت رليف جي سرگرمين ۾ صوبائي حڪومت سان سهڪار ڪري رهي آهي تنهن هوندي به ايتري وڏي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ ??اء?? عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد ??اء?? اڳتي اچڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالا مال صوبو آهي ۽ سندس حڪومت بلوچستان جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪوششن ??اء?? صوبائي حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد ??اء?? عالمي برادري کان امداد جي اپيل ڪئي، ان کان اڳ اوسته محمد پهچڻ تي بلوچستان جي وقتي گورنر ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو استقبال ڪيو. اي پي پي/ر – م/س – و 15:43