اسلام ??با?? – 01 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 28 آڪٽوبر تي ڊيره اسماعيل ??ان ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن ??ي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد اسرار ۽ نائي?? ساجد حسين جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن قوم خاطر جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته وطن جي تحفظ لاءِ قرباني تي قوم پنهنجي شهيدن جي احسانمند رهندي. صدر شهيدن جي خدمتن تي سلام پيش ڪيو ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر گهرڀاتين سان ه??دردي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.