اسلام آباد– 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي باجوڙ ۾ دهشتگردن جي فائرنگ جي مذمت ۽ واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پي?? ڪندي چيو آهي ته اسان باقي رهيل دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪوششون جاري رکنداسين. ايوا?? صدر پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته قوم جي خاطر جان جو نذراڻو پيش ڪرڻ وارا جيڪي ??ن قوم جو اثاثو آهن. باقي رهيل دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪوششون جاري رکنداسين. صدر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ پونئرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.