اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) ڊاڪٽر اسد مجيد خان کي نئون پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس موجب ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي نئين پرڏيهي سيڪريٽري طور مقرري ڪئي وئي آهي. هو پا??ستان فارن سروس جو سينيئر آفيسر آهي ۽ کيس پا??ستان جي 31 هين پرڏيهي سيڪريٽري طور نامزد ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان نئين عهدي تي مقرري کان اڳ بيلجيئم، لڪسمبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پا??ستان جي سفير طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان 34 سالن تي ٻڌل پنهنجي سفارتي ڪيريئر دوران ڪيتريون ئي اهم سفارتي ذميواريون ادا ڪيون آهن. هن آمريڪا ۾ ۽ جاپان ۾ پا??ستان جي سفير طور تي پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. هو پرڏيهي ايڊيشنل سيڪريٽري (آمريڪا)، ڊائريڪٽر جنرل (آمريڪا)، ڊائريڪٽر جنرل (اولهه ايشيا)، آمريڪا ۾ پا??ستان جي عبوري ناظم الامور، واشنگٽن ۾ پا??ستان جي ڊپٽي چيف آف مشن، صدارتي سيڪريٽريٽ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (پرڏيهي معاملا)، ڊائريڪٽر جنرل (گڏيل قومون) ۽ گڏيل قومن ۾ پا??ستان جي مستق?? مشن ۾ منسٽر – قونصلر جي عهدن تي به رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان ڪيوشو يونيورسٽي جاپان مان انٽرنيشنل اڪنامڪ اينڊ بزنس لاء (ايل ايل ڊي) ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگ??ي حاصل ڪئي آهي ۽ هو ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ ريسورس پرسن پڻ رهي چڪو آهي.