سرينگر-25 جنوري (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ ڀارت جي يومِ جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا، جنهن جو مقصد عالمي برادريءَ کي باور ڪ??ائڻ آهي ته ڀارت ڪشميرين کي ان جو حقِ خوداراديت ڏيڻ کان لاڳيتو انڪار ڪ??ي رهيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪاري ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي، ان ڏينهن جي مناسبت سان ??ال??ريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو ۽ آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ مختلف ملڪن جي گا??ي وارن شهرن ۾ ڀارت مخالف مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون ته جيئن عالمي برداريءَ کي اهو پيغام ڏئي سگهجي ته ڀارت جنهن ڪشميرين جا سمورا بنيادي حق ختم ڪيا آهن ۽ ان کي ??ال??ريل علائقي ۾ پنهنجو يومِ جمهوريه ملهائڻ جو ڪوبه حق حاصل نه آهي. صداءِ مظلومين، ڄمون ڪشمير ڊيموڪريٽڪ موومينٽ، تحريڪ آزادي ڄمون ۽ ڪشمير، ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن الائنس، ڄمون ۽ ڪشمير پوليٽيڪل ريزسٽنس موومينٽ ۽ يوٿ فريڊم فائٽرز پنهنجي بيانن، پيغامن ۽ پوسٽرن ذريعي سرينگر ۽ وادي ڪشمير جي ٻين ع??ائقن جي عوام کان ڀارتي يوم جمهوريه جي سرڪاري تقريب جو بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ پنهنجي گهرن، دڪانن ۽ ٻين ع??ارتن تي ڪارا جهنڊا ڦڙڪائڻ جي اپيل ڪئي آهي. ان حوالي سان ??ال??ريل ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ گذريل هڪ هفتي کان مسلسل پوسٽر لڳايا پيا وڃن.