اسلام آب??د – 06 – فيبروري (اي ??ي پي) پاڪستان شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيه سان ??ڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي وڏي ڏک سان ڏکڻ ترڪيه ۾ شديد زلزلي جي خبر ملي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ??يليفونڪ رابطو ??ري المناڪ جاني نقصان تي ڀائر ترڪ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي امدادي سرگرمين ۾ هر ممڪن تعاون جي آڇ ڪئي آهي. بيان ??وجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ پنهنجي ترڪ هم منصب چاوش اولو سان رابطو ??ري ان سان جاني نقصان تي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ کيس مدد جي آڇ کي ورجايو. بيان ??وجب وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سمورن دستياب وسيلن کي متحرڪ ??ري رهي آهي جن ۾ سرديءَ جي موسم ۾ استعمال ٿيندڙ خيما، ڪمبل ۽ زندگي بچائيندڙ ٻيون اهم شيون شامل آهن، متاثر علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تربيت يافته اربن سرچ ۽ ري??ڪيو ٽيمن کي انهن جي اوزارن ۽ دوائن سان گڏ روانو ڪيو پيو وڃي. بيان ??وجب انقره ۾ پاڪستان جو مشن لاڳاپيل ترڪ عملدارن سان ??سلسل رابطي ۾ آهي ته جيئن زلزلي کان ??تاثر علائقن جي لاءِ ڪنهن اضافي ضرورت جي نشاندهي ??ري سگهجي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان شديد قدرتي آفت جي ڏس ۾ ترڪيه جي ڀائر عوام سان ??ڪمل يڪجهتي جو اظهار ??ري ٿو جڏهن ته پاڪستان ??وري امدادي ڪوششن کانسواءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلن ۾ ترڪيه سان گڏ ڪم جاري رکندو.