اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آئيوري ڪوسٽ معيشت، واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻط??في تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ٻط??فن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح تي مٽاسٽا جي حوصلا افزائي ??ي ضرورت تي زور ڏنو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آئيوري ڪوسٽ جي پارلياماني وفد قومي اسيمبلي جي صدر اد??ما بگٽو گو جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف پڻ موجود هو. وفد جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان آئيوري ڪوسٽ کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ پنهنجي ”انگيج آفريقا“ پاليسي تحت آفريقي ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سٺا لاڳاپا آهن جن کي ترقي جي عمل ۾ هڪ ٻئي ??ي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وڏا امڪان آهن. هن آئيوري ڪوسٽ جي واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جو دورو ڪن ۽ هتي دستياب ??يڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن ٻط??فن لاڳاپن جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيئن ته ٻئي ملڪ مختلف مسئلن تي متفقه خيال رکن ٿا ۽ مختلف عالمي فورمن تي هڪ ٻئي ??ي حمايت ڪن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان 2004ع کان 2017ع تائين يو اين او سي آئي ??حت آئيوري ڪوسٽ ۾ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ اهم ڪردار اد?? ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سدائين آئيوري ڪوسٽ جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت ڪئي ??هي. هن آئيوري ڪوسٽ جي قومي اسيمبلي جي صدر کي اهو به چيو ته هو اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتي مشن قائم ڪن جيڪو ٻط??في تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪوويڊ 19 کي موثر طريقي سان منهن کانسواءِ دهشتگردي جي لعنت تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. صدر وفد سان آئيوري ڪوسٽ جي قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وفد جو دورو ٻط??فن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ اهم قدم ثابت ٿيندو. ان موقعي تي اد??ما بڪٽو گو چيو ته ان جي ملڪ جي قيادت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿي. هن صدر کي پنهنجي ملڪ پاران پنهنجي معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽرينز کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار اد?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پاڪستان حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي صدر جا ٿورا مڃيا.