اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته روايتي سيڪيورٽي سان گڏوگڏ سائبر قوت حاصل ڪري ملڪ کي استحڪام ۽ ترق?? جي تيز ترين راهه تي گامزن ڪري سگهي ٿو. ايئر يونيورسٽ?? جي 10 هين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي صد?? دنيا جي پنجين آبادي واري ملڪ ۾ عص??ي شعبن خاص طور تي مصنوعي ذهانت، سائبر اسپيس ۽ ڊيٽا سان هلندڙ ٽيڪنالاجي ۾ علم حاصل ڪرڻ جي ضرورت تي روشني وڌي. صد?? چيو ته پاڪستان ائٽمي ڊيٽرنس جهڙي روايتي دفاع ۾ پيشيواراڻي مهارت حاصل ڪئي آهي جڏهن ته سائبر اسپيس ۾ مضبوط قدم ڄمائڻ به بقاءَ جي لاءِ ضروري آهي. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته گذريل سال جي عالمي سائبر رينڪنگ ۾ پاڪستان شامل نه آهي، اها صورتحال رجعت پسند ذهنيت ۾ هڪ وڏي تبديلي کانسواءِ ڪيريئر جي رستن جي چونڊ ۾ نظرثاني جو مطالبو ڪري ٿي. هن چيو ته سائبر علم ملڪ جي وڏي نوجوان آبادي کي موجوده مهارتن سان ليس ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي. هن ٻڌايو ته پيٽرن جي سڃاڻپ تي ٻڌل ڊيٽا جي هڪ وڏي مقدار دنيا ۾ دستياب آهي جنهن جي مقدار ۽ تجزيو ڪرڻ جي لاءِ مصنوعي ذهانت جي مهارت جي ضرورت آهي. صد?? نوجوانن کي ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت با??ت ضروري معلومات فراهم ڪرڻ با??ت فيصلاسازي تي زور ڏنو ۽ چيو ته دنيا انهن شعبن ۾ هڪ بي مثال تبديلي ڏٺي آهي. هن هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) پاران جاب مارڪيٽس تي مڪمل تحقيق ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اهو قومي ۽ عالمي ادارن جي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هڪ هنرمند انساني وسيلا مهيا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو، اهڙي طرح ملڪ ۾ بيروزگار?? جي مسئلي کي مناسب طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو. سائبر سيڪيورٽي ڊسپلين جي پهرين بئچ با??ت صد?? ان يقين جو اظهار ڪيو ته تعليم جي عظيم مقصد جي لاءِ مسلسل حمايت ۽ سرپرستي ڪرڻ تي انهن کي ساراهيو. ان موقعي تي صد?? فارغ ٿيندڙ شاگردن کي ڊگريون ڏنيون ۽ مختلف شعبن ۾ انهن جي ڪوششن کي ساراهيو. تقريب ۾ مختلف شعبن بشمول بزنس ايڊمنسٽريشن، اڪائونٽنگ ۽ فنانس، ايوي ايشن مئنيجمينٽ، ادب ۽ لسانيات، رياضي، طبيعات، اسٽريٽجڪ اسٽڊيز، ڪميپوٽر سائنس جي شعبن کانسواءِ مڪينيڪل، ميڪيٽرونڪس، اليڪٽريڪل، ايرو اسپيس ۽ ايروناٽيڪل انجنيئرنگ ۽ سائبر سيڪيورٽي ۾ انڊر گريجوئيٽ سان گڏوگڏ ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامز جي 1300 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تمغا ۽ ڊگريون عطا ڪيون ويون. ان کان اڳ وائيس چانسلر ايئر يونيورسٽي ايئر مارشل (رٽائرڊ) جاويد احمد پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايڇ اي ا?? جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد جا ٿورا مڃيا. هن نيشنل ايرو اسپيس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ تحت مختلف منصوبن ذريعي ٽيڪنالاج?? جي ميدان کي جديد بڻائڻ ۽ بحال ڪرڻ جي لاءِ ايئر چيف جي ويزن کي ساراهيو. هن چيو ته ايئر يونيورسٽي شاگردن کي معياري تعليم، تحقيق ۽ ٽيڪنالاج?? جي فراهمي جاري رکندي ۽ قومي مقصد ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪندي.