اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف چيو آهي ته وچولي ۽ گهٽ آمدني وارن خاندانن جي ٻارن کي مفت ۽ معياري تعليم جي انهن جي درن تي فراهمي ج?? شروعات ڪئي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محم?? شهباز شريف چيو ته هن اڄ ??فا??ي گادي واري شهر ۽ ان جي ڀرپاسي ج?? لاءِ اسڪول آن ويلز جهڙي منفرد منصوبي ج?? افتتاح ڪيو آهي ج??هن سان وچولي ۽ گهٽ آمدني وارن خاندانن جي ٻارن کي مفت ۽ معياري تعليم انهن جي گهر جي درن تي فراهم ٿيندي. وزيراعظم چيو ته تيزي سان وڌندڙ ملڪي ابادي ج?? چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي هر شعبي ?? اهڙن منفرد منصوبن جي ضرورت آهي، اهي موبائيل اسڪول گهٽ لاڳت تي ڪنهن به معياري اسڪول جهڙي تعليم فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هن چيو ته ان منصوبي تحت بسن جي انگ کي ج??د 8 مان وڌائي 16 ڪيو ويندو.