اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعطم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ائٽمي ۽ ميزائيل پروگرام جي حوالي سان سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا ??ي گردش ڪندڙ تازن سمورن بيانن، پريس ريليز، سوالن ۽ مختلف دعوائن ۾ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ ا?? اي اي) جي ڊائريڪٽر ??نرل رافيل ماريانو گروسي جي پاڪستان جي دوري جي ڏس ۾ پرامن ائٽمي پروگرام کي منفي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان جو ائٽمي ۽ ميزائيل پروگرام هڪ قومي اثاثو آهي جنهن جي رياست غيرتمندي سان ??فا??ت ڪري ٿي، اهو مڪمل پروگرام مُڪمل طور تي محفوظ، فول پروف ۽ ڪنهن به دٻاءُ کانسواءِ آهي. هن چيو ته هي پروگرام ان مقصد کي هر طرح سان پورو ڪري ٿو جنهن جي لاءِ ا??ا صلاحيت حاصل ڪئي وئي آهي.