اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم محمد شه??از شريف جي نالي خط لکندي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت?? جي لاڳاپيل عملدارن کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مقرر وقت ۾ عام چونڊ?? جي لاءِ اليڪشن ڪميش?? جي معاونت جي هدايت ڪري، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت?? جي سمورن لاڳاپيل انتظامي عملدارن کي انساني حق?? جي پائمالي کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ چيو ته ويجهي ماضي ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا بنيادي ۽ انساني حق?? جي واضح خلاف ورزي?? جي واقعن کي اجاگر ڪيو، اهڙن واقع?? جي تدارڪ ۽ اصلاح جي لاءِ انهن کي وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آڻڻ جي ضرورت هئي. آرٽيڪل 105 يا 112 تحت صوبائي اسيمبلي?? جي تحليل تي آرٽيڪل 224 (2) تحت 90 ڏينه?? جي اندر چو??ڊو?? ڪرائڻ ضروري آهي. صدر پنهنجي خط ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي صدر کي 90 ڏينه?? جي اندر چونڊن ڪرائڻ جي لاءِ تاريخ (تاريخون) تجويز ڪرڻ جو حڪم ڏنو، خيبرپختونخواهه جي گورنر کي به صوبائي اسيمبلي جي لاءِ ٽائيم فريم موجب عام چو??ڊو?? منعقد ڪرڻ جي لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، لڳي ٿو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وفاقي ۽ نگران حڪومتن لاڳاپيل ادار?? جي سربراهن کي عام چو??ڊو?? منعقد ڪرڻ جي لاءِ ضروري تعاون فراهم ڪرڻ کان معذوري ظاهر ڪرڻ جو چيو، آئين تحت وفاقي ۽ صوبائي ايگزيڪيوٽو اٿارٽيز جو فرض آهي ته اهي ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن کي انهن جا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ مدد ڪن. صدر پنهنجي خط ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن 30 اپريل تي پنجاب ۾ عام چو??ڊو?? منعقد ڪرڻ جي پنهنجي اعلان تي عمل نه ڪيو، سپريم ڪورٽ جي حڪم جي کليل خلاف ورزي ڪئي، اي سي پي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلي?? جي عام چونڊ?? جي انعقاد جي لاءِ 8 آڪٽوبر تاريخ جو اعلان ڪيو. صدر خط ۾ وزيراعظم جو ڌيان انساني حق?? جي خلاف ورزين طرف پڻ ڇڪرايو. خط ۾ پوليس/ قانون لاڳو ڪندڙ ادار?? جي ظلمن، شه??ي?? جي خلاف طاقت جي غيرمناسب استعمال جي سنگيني جو پڻ ذڪر ڪندي ٻڌايو ويو ته سياستدانن، ڪارڪنن، صحافين ۽ ميڊيا جي خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا، سياسي ڪارڪن?? جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا، شه??ين کي بنا وارنٽ ۽ قانوني جواز جي اغوا ڪيو ويو. صدر خط ۾ بنيادي حقن بابت آئي?? جي مختلف آرٽيڪلز جو پڻ حوالو ڏيندي چيو ته آئي?? جي آرٽيڪلز جي واضح طور تي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، اهڙن واقعن سان عالمي برادري ۾ پاڪستان جو اميج خراب ٿيو، پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حق?? جي صورتحال ۽ مستقبل تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ ذڪر ڪيو ته 2021ع جي ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 180 ملڪن مان 145 هين نمبر تي هو، 2022ع ۾ پاڪستان 12 درجا هيٺ 157 هين نمبر تي اچي ويو، هن سال جي قدمن سان ان انڊيڪس ۾ پاڪستا?? جي درجابندي وڌيڪ هيٺ ايندي، پاڪستان ۾ تازن مهينن ۾ ميڊيا کي وڌيڪ دٻايو ويو، حڪومت جي خلاف اختلاف، تنقيد دٻائڻ جي لاءِ صحافين کي بغاوت ۽ دهشتگردي جي الزامن جو نشانو بڻايو ويو. خط ۾ صدر چيو آهي ته وزيراعظم حڪومت جي سربراهه هجڻ جي ناطي آئين ۾ ڏنل پاڪستا?? جي هر شه??ي جي انساني ۽ بنيادي حق?? جي تحفظ جو ذميوار آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي حق?? جي خلاف ورزي کان پري رهن، اليڪشن ڪميشن کي معاونت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري.