اسلام آباد – 04 ?? مئي (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي شهر گووا ۾ شنگها??ي ??عاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي خميس ڏينهن روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن فوڊ سيڪيورٽي، توانائي ۽ عوامي رابطن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ت?? شنگها??ي ??عاون تنظيم روس سان تعاون ۽ هم آهنگي جا نوان موقعا کوليا آهن.