اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سماجي انصاف جي فروغ ۽ ٻارن ک?? تعليم جي فراهمي يقيني بڻائي چائيلڊ ليبر کي خ??م ڪري سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ٻارن جي ??ور??ئي (چائيلڊ ليبر) جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هي ڏينهن چائيلڊ ليبر جي خاتمي ۽ ان بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملهايو پيو وڃي، ٻارن کان ??ور??يو عالمي سطح تي درپيش هڪ وڏو چ??لينج آهي، گڏيل قومن موجب دنيا ۾ اٽڪل 16 ڪروڙ ٻار ??ور??ئي تي مجبور ۽ هر 10 مان هڪ ٻار مزدوري ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ عالمي سطح تي چائيلڊ ليبر ۾ گهٽتائي آئي تنهن هوندي به اڃا وڌيڪ ??م ڪرڻ جي ضرورت آهي، سماجي انصاف جي فروغ سان ٻارن جي ??ور??ئي جي چئلينج تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ان جي بنيادي سببن تي ضابطو آڻڻو پوندو، غربت، جنگ، دهشتگردي ۽ تعليم تا??ين پهچ نه هجڻ به چائيلڊ ليبر جا وڏا سبب آهن. صدر چيو ته سماجي انصاف جي فروغ ۽ ٻارن ک?? تعليم جي فراهمي يقيني بڻائي چائيلڊ ليبر جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، غربت جي ڪري گهٽ عمر ۾ ئي ٻار ??ور??يو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته چائيلڊ ليبر جي ڪري ٻار پنهنجي ٻاروتڻ، تعليم ۽ صحت کان محروم ٿي وڃن ٿا، پاڪستان ۾ هڪ اندازي موجب 27 ملين ٻار اسڪول نه ٿا وڃن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ قانون موجود آهن جن تحت ٻارن کان ??ور??يو وٺڻ تي پابندي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻارن جي ??ور??ئي جي حوصلا شڪني ۽ انهن ک?? تعليم طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ تعليمي وظيفا ڏنا پيا وڃن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون، ان حوالي سان حڪومت، معاشري، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ميڊيا، واپاري ۽ نجي شعبي سميت معاشري جا سمورا طبقا چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ گڏجي ??م ڪن.