اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي عي??ال??ضحيٰ جي برڪتن ۽ خوشي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ??ي??ال??ضحيٰ حضرت ابراهيم عليه السلام جي الله تعاليٰ سان اطاعت ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي تسليم ۽ رضا جو شاندار مثال ۽ يادگار آهي جنهن اطاعت ۽ قرباني جي هڪ اهڙي لازوال روايت قائم ڪئي ??نهن جي پيروي قيامت تائين جاري رهندي، قرباني جو اهو جذبو هڪ عالمي حيثيت رکندڙ آهي، دنيا ۾ ڪا به قوم ان وقت تائين ترقي نه ٿي ڪري سگهي جيستائين ان ۾ ايثار ۽ قرباني جو جذبو موجود نه هجي. پنهنجي پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته ??سان کي پنهنجي سمورن مفادن، ترجيحن ۽ تعصب کي پٺتي رکندي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ گڏيل ڀلائي ??ي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ??سان پنهنجي سمورين سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪريون، هي ملڪ لازوال قربانين ۽ بي پناهه صبر ۽ تحمل ۽ استحڪام جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، اسان سڀني کي گڏجي ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ جان ٿيڻ گهرجي. وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي چيو ته ??ي??ال??ضحيٰ جون خوشيون ملهائيندي اسان کي پنهنجي انهن ڀينرن ڀائرن جو پڻ خاص طور تي خيال رکڻ گهرجي جيڪي حالتن جي ڏاڍ جو شڪار ٿي معاشي طور تي پٺتي رهجي ويا هجن، عيد جون خوشيون ملهائيندي اسان کي پنهنجي ڀرپاسي پڻ نظر رکڻي آهي ته ??يئن اسان جو ڪو پاڙيسري ان مقدس موقعي جي خوشين کان محروم نه رهجي وڃي، اڄ جي ڏينهن اسان کي ملڪ جي انهن معمارن، شهيدن ۽ محافظن کي پڻ ياد رکڻو آهي جن ملڪ جي حفاظت، تعمير ۽ ترقي ۽ سربلندي جهڙي عظيم مقصد جي لاءِ پنهنجي جانين تائين قربان ڪري ڇڏيون. آئون الله تعاليٰ کان دعاڳو آهيان ته هو اسان کي عي??ال??ضحيٰ جون حقيقي خوشيون نصيب فرمائي ۽ اسان جي قرباني کي شرف قبوليت بخشي ۽ اسان کي ان عظيم ع??ادت کي ان جي روح موجب سمجهي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.