اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جي خاص معاون ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڏکڻ ايشيا جي لاءِ ??ينيئر ڊائريڪٽر ريئر ايڊمرل ايلين لاوباچر هڪ اعليٰ ??طحي وفد جي ق??اد?? ڪندي پاڪستان جو ٻن ڏينهن دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وفد ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي، دفاع واري کاتي ۽ وائيٽ هائوس جا ميمبر شامل هئا. هن چيو ته آمريڪي وفد 19 جولاءِ ??ي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن سميت علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جا آمريڪا سان پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن جن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي طرفن جي عوامي نمائندن ۽ عهديدارن جي وچ ۾ اعليٰ ??طحي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي ??ڻ زور ڏنو. ايلين لاوباچر پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي مستحڪم ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ??مريڪا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا.